تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج چيو آهي ته فلسطيني علائقي غزا تي وڏي پيماني تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ڇنڇر تي اسرائيلي فوج ٻڌايو ته تازا حملا هڪ شروعاتي مرحلي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد جنگ جا سمورا هدف حاصل ڪرڻ آهي.
اسرائيلي فوج ٽيلي گرام تي عربي ٻولي ۾ هڪ بيان ۾ چيو ته هي حملا غزا جي پٽي ۾ جنگ وڌائڻ جو حصو آهن، جن جو مقصد مغوين جي آزادي ۽ حماس جي شڪست سميت جنگ جا سمورا هدف حاصل ڪرڻ آهي.
ان کان اڳ غزا جي سول ڊفينس ايجنسي چيو هو ته جمعي تي غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 100 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن.
واضح رهي ته قطر، مصر ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي سان ڪيل جنگبندي ٻه مهينا اڳ ختم ٿي وئي هئي ۽ اسرائيل 18 مارچ تي غزا تي ٻيهر فوجي حملا شروع ڪري ڇڏيا هئا.
You might also like