پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ڀارت جو ترڪيه سان واپاري ۽ تعليمي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان جي غير مشروط حمايت تي ترڪي سان پنهنجا واپاري ۽ تعليمي لاڳاپا معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي پرڏيهي وزارت موجب اهو قدم ان ڪري کنيو ويو آهي، ڇو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ترڪيه پاڪستان جي موقف جي غير مشروط حمايت ڪئي هئي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهي ملڪ جيڪي ڀارت جي خود مختياري تي سوال اٿارين ٿا، انهن سان لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.