سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حور النساءَ پليجو جو مڙهه هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) عوامي تحريڪ جي سربراهه، عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي جي ڀيڻ حور النساءَ پليجو کي جنازي نماز کانپوءِ هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ گذريل رات لاڏاڻو ڪري ويل حور النساءَ پليجو جي جنازي نماز جنگشاهي لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ ادا ڪئي وئي ۽ مقامي قبرستان ۾ سندس تدفين ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ اياز لطيف پليجو، وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، غلام قادر پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي سوين ڀينرن سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن، شھرين توڙي مختلف برادرين جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.