آءِ فون واهپيدارن لاءِ بُري خبر..!

اپڊيٽ لاءِ آف لائين ڪيل مشهور گيم فورٽ نائيٽ هاڻي امڪاني طور تي ٻيهر آءِ فون تي ڪڏهن به دستياب نه هوندي.
مشهور گيم فورٽ نائيٽ کي جمعي جي صبح سرور جي مرمت ۽ نئين اپڊيٽس لاءِ آف لائين ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽار وارز تي ٻڌل نوان ٿيمز شامل پڻ شامل هئا، پر شايد هاڻي گيم جي آءِ فون تي واپسي ممڪن نه آهي.
ذريعن موجب، آءِ فون کانسواءِ ٻين سڀني پليٽ فارمن تي، جهڙوڪ پلي اسٽيشن، ايڪس باڪس، ۽ پي سي تي فورٽ نائيٽ جلد ئي آن لائين ڪئي ويندي.
گيم ٺاهيندڙ ڪمپني ايپڪ گيمز موجب، ايپل جي ايپ اسٽور جي ضابطن ۽ ايپل سان جاري ٽڪراءُ سبب اِها گيم آءِ فون جهڙين ڊيوائيسز تي آف لائين رهندي.
ايپل جي پليٽ فارمن تي فورٽ نائيٽ وارو معاملو ڪيئي سالن کان تڪراري رهيو آهي، 2020ع ۾ ايپڪ ايپل جي پيمنٽ سسٽم جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جنهنڪري گيم کي ايپ اسٽور تان هٽايو ويو.
ڪمپنين جي وچ ۾ جاري تڪرار يورپي يونين جي قانونسازي کانپوءِ ايپل کي متبادل ايپ اسٽورز تان واهپيدارن کي ڊائونلڊ جي اجازت ڏيڻي پئي، جنهن سبب فورٽ نائيٽ عارضي طور آءِ فون تي واپسي ٿي هئي.
ٻنهي ڪمپنين وچ ۾ هلندڙ ڪيس جي تازي فيصلي مان لڳي رهيو هو ته گيم جلد ئي يو ايس ايپ اسٽور تي ٻيهر دستياب ٿيندي، پر ايپڪ هاڻي واضح ڪيو آهي ته ايپل گيم کي ٻيهر جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
امڪان آهي ته هاڻي فورٽ نائيٽ کي عالمي سطح تي آءِ فون ۽ ٻين ايپل ڊيوائيسز تي مڪمل طور تي آف لائين ڪيو ويندو،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.