دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ناڻو ڪمائيندڙ رانديگر ڪير؟ نئين فهرست جاري

فوربز 2025ع جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي
آمريڪي رسالي فوربز 2025ع لاءِ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
فوربز موجب، پورچوگال جو ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو مسلسل ٽئين سال به فهرست ۾ پهرين پوزيشن تي قابض رهيو.
ڪاروباري مئگزين موجب، رونالڊو، جيڪو پنهنجي ڪيريئر دوران پنج ڀيرا ان فهرست ۾ سرفهرست رهي چڪو آهي، هن سال 2025ع ۾ پنهنجي مجموعي آمدني ۾ 15 ملين ڊالر جو واڌارو ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪل آمدني 275 ملين ڊالر ٿي ويئي آهي.
رونالڊو ڊسمبر 2022ع کان سعودي پرو ليگ جي ڪلب النصر سان واڳيل آهي، جنهن کانپوءِ هن ميدان کان ٻاهر برانڊز، اشتهارن ۽ اسپانسرشپ ذريعي وڏي پيماني تي آمدني حاصل ڪئي.
رپورٽ موجب، 2025ع جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آمريڪي باسڪٽ بال رانديگر اسٽيفن ڪري جو آهي، جنهن جي آمدني 156 ملين ڊالر آهي، جڏهن ته ٽئين نمبر تي برطانوي باڪسر ٽائسن فيوري آهي، جنهن جي آمدني 146 ملين ڊالر ٿي چڪي آهي.
رونالڊو جو همعصر فٽبالر ليونل ميسي ان فهرست ۾ وڌيڪ پوئتي هلي ويو آهي، جيڪو ٽئين نمبر کان پنجين نمبر تي پهچي ويو آهي.
فوربز طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ فٽبالر ڊاڪ پريسڪوٽ 137 ملين ڊالر ڪمائي چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته باسڪٽ بال پلئير ليبرون جيمز 133.8 ملين ڊالر جي ڪمائي ڪري ڇهين نمبر تي رهيو.
رپورٽ موجب، بيس بال رانديگر يوان سوٽو 114 ملين ڊالر جي آمدني سان ستين، فٽبالر ڪريم بينزيما 104 ملين ڊالر سان اٺين، بيس بال پليئر شوهي اوهتاني 102.5 ملين ڊالر سان نائين ۽ باسڪٽ بال جي رانديگر ڪيوني ديورنٽ 101.4 ملين ڊالر آمدني سان ڏهين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.