پاڪستاني عورت پوليس آفيسر لاءِ وڏو اعزاز، عالمي ايوارڊ ماڻي ورتائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر سرگوڌا جي پوليس آفسر انعام خان دبئي ۾ عالمي انويسٽيگيشن ايوارڊ کٽي ورتو.
پاڪستاني عورت پوليس آفيسر وڏو اعزاز ماڻي ورتو، سرگوڌا جي اي ايس پي ورلڊ پوليس سمٽ جو عالمي ايوارڊ کٽيو آهي.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب اي ايس پي انعم خان کي ڪرمنل انويسٽيگيشن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنو ويو، ڪمانڊر ان چيف دبئي پوليس کيس ايوارڊ سان نوازيو.
ترجمان ٻڌايو ته ورلڊ پوليس سمٽ ايوارڊز لاءِ 192 ملڪن جي آفيسرن جي غير معمولي ڪارڪردگي تي غور ڪيو ويو، انعم خان کي اهو اعزاز پنجاب جي ٻن اهم قتل ڪيسن کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ تي ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.