سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي تازي جنگبندي کانپوءِ لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو ڪوبه واقعو رپورٽ ناهي ٿيو.
ڇنڇر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي عمر عبدالله وضاحت ڪئي ته تازي ڇڪتاڻ دوران جنهن هنڌ نقصان ٿيو آهي، اُن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ۽ ان بنياد تي جلد معاوضي لاءِ خصوصي پيڪيج تيار ڪيو ويندو.
هن چيو ته ” اسان پنهنجي سڀ وسيلا ڪم آڻي، جيترو ٿي سگهندو، متاثر ماڻهن جي مدد ڪنداسين، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته مرڪزي حڪومت سان به رابطو ڪنداسين ته جيئن متاثرن کي ترت رليف ملي.“
واضح رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي تازي ڇڪتاڻ سبب سرحدي علائقن مان نقصان جون رپورٽون سامهون آيون هيون، پر باظابطا طورتي اهڙي قسم خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي .
ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، نقصان جو ڪاٿو لڳائي رهيا آهيون: عمر عبدالله
You might also like