واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ اعلان ڪيو آهي ته هو 14 سال جي وقفي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر شام ۾ پنهنجا ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ۽ قطر شام جو هڪ ڪروڙ ۽ پنجاهه لک ڊالر کان وڌيڪ جو قرض ادا ڪري ڇڏيو آهي
عالمي بئنڪ جمعي ڏينهن وضاحت ڪئي ته هاڻي شام ان فنڊ جو قرضي ناهي، جيڪو گهٽ آمدني وارن ملڪن لاءِ مخصوص هوندو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، ورلڊ بئنڪ جو شام ۾ پهريون منصوبو بجليءَ جي ترسيل ۽ رسائي کي بهتر بڻائڻ بابت هوندو، ڇو ته بجلي صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي سميت بنيادي ضرورتن لاءِ ڏاڍي اهم آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري ڏينهن اعلان ڪيو هو ته واشنگٽن شام تي مڙهيل پابنديون ختم ڪندو.
ٽرمپ اربع تي رياض ۾ جي سي سي سربراهي اجلاس دوران شام جي صدر احمد الشرع سان به ملاقات ڪئي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ 25 ورهين ۾ پهرين ملاقات هئي.
You might also like