آمريڪا کي فلسطينين جي مدد ڪرڻي پوندي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا کي فلسطيني عوام جي مدد ڪرڻي پوندي، ڇو ته غزه ۾ ڪيترائي ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن.
وچ اوڀر جي چئن جي دوري تان واپسي دوران جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ صدر ٽرمپ اعتراف ڪيو ته ”غزه ۾ انساني صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو بُکَ جو شڪار آهن “
هڪ صحافيءَ کائنس پڇيو ته ڇا هو غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت جي حمايت ڪري ٿو؟ جنهن جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ”اسان ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”هو سمجهي ٿو ته ايندڙ مهيني غزا ۾ ڪيئي سٺيون شيون ٿيڻ واريون آهن،“ پر هن ان بابت وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.