ٽِڪ ٽاڪ جو ذهني صحت بابت نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

ٽڪ ٽاڪ واهپيدارن جي ذهني صحت بهتر بڻائڻ لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني جي هڪ بلاگ پوسٽ موجب، نوجوانن لاءِ مراقبي جون مشقون ۽ ذاتي سڌاري لاءِ فيچرز پيش ڪيا پيا وڃن. ان فيچر جي آزمائش هلندڙ سال محدود واهپيدارن ۾ ڪئي وئي هئي، جيڪا هاڻي هر عمر جي ماڻهن لاءِ دستياب هوندي.
ٽڪ ٽاڪ ٻڌايو آهي ته هي فيچر واهپيدارن جي ننڊ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو، جيڪو ننڊ جي وقتن دوران سرگرم ٿيندو. خاص ڪري 18 سالن کان گهٽ عمر وارن لاءِ هي فيچر پاڻمرادو ايپ ۾ آن ٿي ويندو.
جيڪڏهن ننڍي عمر وارا واهپيدار رات جو 10 وڳي کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ جي ”فار يو“ فيڊ استعمال ڪندا، ته کين کي مراقبي جون مشقون ڏسڻ لاءِ پروموشن ڏيکاري ويندي.
جيڪڏهن ان باوجود هو ايپ استعمال ڪندا رهيا، ته ڪمپني ٻيهر فل اسڪرين پروموشن ڏيکاريو ويندو.
ان مقصد لاءِ ڪمپني مراقبي واري هڪ ايپ جي مدد پڻ وٺي رهي آهي.
ان کانسواءِ ٽِڪ ٽاڪ نئين تعليمي فيڊ، آن لائن سيڪيورٽي ٽولز ۽ اسڪرين ٽائيم تي والدين جي ڪنٽرول کي وڌائڻ وارا فيچرز به متعارف ڪرائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.