سيڪيورٽي خدشا، مچل اسٽارڪ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بولر مچل اسٽارڪ ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب آءِ پي ايل جون رهيل ميچون کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، مچل اسٽارڪ پنهنجي فرنچائز کي اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو ٽورنامينٽ جي باقي ميچن لاءِ موجود نه هوندو.
فاسٽ بولر طرفان خطي ۾ وڌندڙ تڪرار ۽ غير يقيني صورتحال جو جواز ڄاڻائيندي ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن دهلي ڪيپيٽلز کي به پنهنجي فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته مچل اسٽارڪ ڌرمشالا ۾ اُن ميچ جو حصو هو جيڪا بليڪ آئوٽ سبب اڌ ۾ روڪي وئي هئي، ان موقعي تي سندس زال ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايليسا هيلي به موجود هئي، جنهن بعد ۾ هڪ انٽرويو دوران ڌرمشالا جي غير محفوظ صورتحال بابت لڪل حقيقتون بيان ڪيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.