ڀارتي جارحيت خلاف ”آپريشن بنيان مرصوص” ۾ تاريخي فتح، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ “شڪراني جو ڏهاڙو“ ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوجي جارحيت جي خلاف “آپريشن بنيان مرصوص” ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح جي خوشيءَ ۾ اڄ ملڪ ۾ “يومِ تشڪر” ملهايو پيو وڃي، جتي عوام ۽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
يومِ تشڪر جي شروعات ملڪ جي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ خاص دعائن سان ٿي، جڏهن ته وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.
اڄ باني پاڪستان قائدِ اعظم محمد علي جناح ۽ شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب پڻ ٿي، جڏهن ته اسلام آباد سميت سڀني صوبائي راڄڌانين ۾ پرچم ڪشيءَ جون تقريبون پڻ ٿيون.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شهيدن جي يادگارني گلن جون چادرون چاڙهيون ويون ۽ شهيدن جي لاءِ دعائيه تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ قومي سگهه جا سڀ وسيلا استعمال ڪندو.
هن چيو ته ” آپريشن بنيان مرصوص“ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان خاص ملاقاتون ڪيون وينديون، جڏهن ته جمعي نماز ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.