”آپريشن سندور“ اڃا ختم ناهي ٿيو: راج ناٿ سنگهه

ڀُڄ (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي دهشتگردن جي سرپرستي جو الزام هڻندي چيو آهي ته ”آپريشن سندور“ اڃا ختم ناهي ٿيو، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو رڳو هڪ ٽريلر هو، اصل تصوير صحيح وقت تي دنيا آڏو پيش ڪنداسين.
ڀارتي رياست گجرات جي ڀُڄ ايئربيس تي خطاب دوران راج ناٿ سنگهه چيو ته ”وزيراعظم نريندر مودي آپريشن جو نالو رکيو ۽ هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته دهشتگردي ۽ پاڪستاني حڪومت وچ ۾ ويجهو تعلق موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پاڪستان وٽ جوهري هٿيار آهن ته انهن جي دهشتگردن جي هٿن ۾ وڃڻ جو امڪان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.“
ڀارتي بچاءُ واري وزير خبردار ڪيو ته اها صورتحال نه رڳو ڀارت، پر سڄي دنيا ۽ پاڪستان جي عام ماڻهن لاءِ به هڪ سنجيده خطري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.