اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته موجوده قيادت کي عوام جي حمايت حاصل ناهي. حڪمرانن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن پي ٽي آءِ اصل حالت ۾ واپس اچي وئي ته حڪومت هڪ ڏينهن به نه هلي سگهندي، پاڪستان ايئر فورس خراج تحسين جي مستحق آهي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي پاڪستان پيپلزپارٽي جي نو منتخب سينيٽر وقار مهدي قسم کنيو. يوسف رضا گيلاني کيس قسم کڻايو،شبلي فراز چيو ته معيشت، پرڏيهي پاليسي، عدالتي نظام ۾ بهتري آڻڻ کپي. سياسي ڪيس ختم ڪري سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني بغير ڪنهن اقتدار جي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿوپي ٽي آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند چيو ته ثانيه نشتر جي استعيفيٰ تي ضمني اليڪشن نٿي ٿئي،اجلاس دوران قدرتي گئس تي هلندڙ ذاتي بجلي گهرن تي ليوي بابت ميني بِل تي مالي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.شبلي فراز ميني بل تي ڳالهائيندي چيو ته اسان هن بل جي مخالفت ڪريون ٿا. ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ليوي لڳائڻ سان منفي اثر پوندا، بجلي جي ترسيل ۾ رڪاوٽ ايندي، ان سان پلانٽس ۽ انڊسٽري بند ٿيندي ۽ نقصان ٿيندو.پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته جنهن جذبي سان پاڪستاني قوم ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪيو، اهو قابل تحسين آهي. مان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پاڪستان ايئر فورس جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي.هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڪنهن ملڪ سان جنگ بندي لاءِ رابطو نه ڪيو بلڪه آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سيز فائر چاهي ٿو،اسان حساب برابر ڪري چڪا هئاسين ان ڪري راضي ٿياسين،هن چيو ته ڇڪتاڻ گهٽ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو،معاملو ڳالهين طرف ويندو،اي اين پي جي ايمل ولي خان چيو ته پاڪستان هر سطح تي جنگ کٽي آهي،قوم،دفاعي ادارن،حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ثابت ٿي ويو ته مضبوط فوج کانسواءِ ملڪ قائم نٿو رهي سگهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هڪ کليل معاهدو ٿئي ته صاف شفاف جمهوريت کانسواءِ ملڪ هلي نٿو سگهي،پاڪستان جو وجود هاڻي محفوظ آهي،ملڪ کي هلائڻ لاءِ هاڻي اچو ته اسان بهتري ڏانهن وڌون،هن چيو ته دفاعي ادارن،عدليه،سياستدان،اسٽيبلشمينٽ کي ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪ هلائڻ لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو،ادارا آئيني دائري ۾ رهن،هن چيو ته انسانيت جي ناتي هڪ سوال آهي ته 9ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان ڇا وڃايو،ڇاحاصل ڪيو؟ٻنهي پاسي غم، شهادتون،نقصان،هراس رهيو،ڇا هندستان جي ٻارن جا احساس الڳ هوندا ۽ پاڪستان جي ٻارن جا احساس الڳ هوندا،جنگ ڪڏهن به خوشي ناهي آڻيندي،جنگ ڏک کڻي ايندي آهي،نفرت،خوف کڻي ايندي اهي،جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي،هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جيڪي مسئلا آهن ڇا انهن 9 ڏينهن جي ويڙهه ۾ اهي مسئلا حل ٿيا؟ مان سمجهان ٿو ته مسئلا اتي جو اتي آهن،پاڪستان،چين،انڊيا،افغانستان گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڪڍن،هن چيو ته اسان جا ٻار،پيرسن مئا آهن،ڊائلاگ جو رستو ۽ امن جو رستو ڳوليو وڃي،ميڊيا ۾ ويٺل جنگ پيا ڪن،توهان جي جملن سان حملا ناهن ٿيندا، عوام کي ڀڙڪايو پيو وڃي ته پٺاڻ بهادر آهي، بندوق کڻو،هي بهادر آهي،بندوق کڻو اهو راڳ بند ٿيڻ گهرجي،دفاعي ادارن کي دفاع ڪرڻو آهي،عوام،قوم،ميڊيا امن جي پرچار ڪن،جنگ جي پرچار نه ڪريو،هن چيو ته ٻنهي پاسي ميڊيا تي ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهايو پئي ويو،هتي پاڪستان ۾ به اهڙا ماڻهو ويٺل هئا جن جنگ دوران دفاعي ادارن تي حملا ڪيا،گرمي جو مسئلو هجي يا سردي جو انهن جو مطالبو هو ته قيدي کي ٻاهر ڪڍو جڏهن ته آپريشن بُنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابي تي سينيٽ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي.سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، پاڪ-ڀارت حالیہ جنگ ۾ پاڪستاني هٿياربند فوجن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي.قرارداد ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي زبردست ڀيٽا ڏني وئي، جڏهن ته متن ۾ پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي امن جي مڪمل عزم جو اعادو پڻ ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، قرارداد ۾ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن جي روشنيءَ ۾ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي مذمت ڪندي، ان کي پاڪستان جي سلامتيءَ جو مسئلو قرار ڏنو ويو آهي.