ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ سنڌ حڪومت ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ قمبر ۾ جديد اسپتال قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيون ڪيون ويون.
ترجمان موجب ايم او يو تي صحيحن جي تقريب وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، اسيمبلي ميمبر سردار خان چانڊيو، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ ۽ ٻيا به شريڪ هئا.
ايم او يو تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميثي ۽ سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري ريحان بلوچ طرفان صحيون ڪيون ويون.
وزيراعليٰ جي ترجمان ٻڌايو ته گڏيل عرب امارات قمبر ۾ جديد طبي سهولتن سان ليس 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال قائم ڪندو، جنهن کي ”شيخ زيد اسپتال“ جو نالو ڏنو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه قمبر ۾ اسپتال قائم ڪرڻ تي متحده عرب امارات جي حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهو قدم صحت جي شعبي لاءِ اهم واڌارو ثابت ٿيندو.
You might also like