اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق چيو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي تي بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام مڙهيا، جڏهن ته پاڪستان مسلسل صبر ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندو رهيو، پر ڀارت طرفان اڳرائي ڪئي وئي.
سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان، پهلگام واقعي تي اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪئي، پر ڀارت ان کي رد ڪري هڪ طرفو قدم کڻندي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪيو، جيڪو عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت وانگر ڀارتي ميڊيا به بنا جواز پاڪستان خلاف واويلا ڪندي رهي، پاڪستان تي الزام لڳائڻ ڀارت جي پراڻي روش رهي آهي.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته چيو ته پاڪ فوج ڀارت جي اڳرائي جو اهڙو جواب ڏنو، جنهن بابت ڀارت شايد سوچيو به نه هوندو، جڏهن ته جنگبنديءَ لاءِ پاڪستان ڪنهن به دوست ملڪ کي درخواست نه ڪئي هئي.
You might also like