اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي ) طرفان سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن خلاف نفرت جوڳي مهم هلائيندڙ 5 جوابدارن تي سائبر ڪرائيم قانون تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ترجمان نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي موجب، تازو پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ دوران جوابدارن سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن، خاص طور تي پاڪ فوج ۽ اعليٰ اختيارن خلاف ورغلائيندڙ ۽ چڙڏياريندڙ مواد شيئر ڪيو، جيڪو عوام ۾ نفرت، بيچيني ۽ رياستي بي اعتمادي ڦهلائڻ جو سبب بڻيو.
ڪيس جي متن موجب، جوابدار مسلسل اهڙو مواد سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهيا، جنهن نه فقط رياستي ادارن خلاف نفرت جوڳي، من گهڙت ڄاڻ هئي ۽ ان ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي به ڪوشش ڪئي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته اين سي سي آءِ اي طرفان جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي سائبر ڪرائيم قانون جي مختلف شقن تحت ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو.
پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ: رياستي ادارن خلاف نفرت جوڳي پروپئگينڊا ۾ ملوث پنج جوابدارن خلاف ڪيس داخل
You might also like