پي ٽي آءِ چيئرمين، عمران خان ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيل جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان عمران خان يا پارٽي طرفان ڪنهن به قسم جي ڊيل جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته سياسي مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ذريعي نڪري سگهي ٿو، پر ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته وزيراعظم پاران اسيمبلي ۾ ڳالهين جي جيڪا آڇ ڪئي وئي، جنهن جي اسان آجيان ڪئي ۽ کيس چيو ته ان بابت فيصلو پارٽي ۽ عمران خان سان صلاح مشوري کانپوءِ ئي ڪيو ويندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جون ذاتي ڳالهيون ڪڏهن به پبلڪ ناهن ڪيون، سندس پٽن قاسم ۽ سليمان مڪمل طور باخبر آهن ۽ پنهنجي پيءُ سان رابطي ۾ آهن، انهن به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به ڊيل ناهي ٿي.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته عمران خان ناجائز ۽ ناحق طريقي سان جيل ۾ آهي، اهڙي حالت ۾ ڊيل جون ڳالهيون بي بنياد آهن.
سندس چوڻ هو ته” اسان سياسي حل تي يقين رکون ٿا، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته ڪا سوديبازي ڪئي وڃي.“
ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سياسي حلقن ۾ افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته عمران خان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪنهن ممڪن معاهدي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، پر هاڻي پي ٽي آءِ طرفان اهڙي قسم جي خبرن رد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.