چين جو مودي سرڪار تي وار، اروناچل پرديش کي پنهنجو علائقو قرار ڏئي ڇڏيو

بيجنگ/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چين، ڀارتي رياست اروناچل پرديش جي ڪيترن ئي هنڌن جا نالا تبديل ڪندي انهن تي چيني نالا رکي ڇڏيا آهن، جنهن تي مودي سرڪار سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زنگنان (اروناچل پرديش) تاريخي، جاگرافيائي ۽ انتظامي لحاظ کان چين جو حصو آهي، ان علائقي کي چيني نالا ڏيڻ چين جي خودمختيار انتظامي دائري جو حصو آهي.
بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته نالن جي ڦيرڦار چين جو اندروني معاملو آهي، جنهن جو مقصد علائقي جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته اپريل 2023ع ۾ به چين اروناچل پرديش جي 30 هنڌن جا نالا تبديل ڪري چيني نالا رکيا هئا.
ٻئي پاسي ڀارتي حڪومت چين جي ان قدم کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته اروناچل پرديش ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي، جنهن کي چين پاران ڏکڻ تبت قرار ڏيڻ جو فيصلو قبول ناهي.
ياد رهي ته چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ اروناچل پرديش تي سالن کان تڪرار جاري آهي، جتي 2020ع دوران ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ چڪريون پڻ ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.