سون اگهه ۾ مسلسل لاٿ ، هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 6 هزار 700 رپيا گهٽجي 3 لک 35 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 5 هزار 745 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 87 هزار 379 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 67 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 168 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.