ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سموري دنيا ۾ تحرڪ پيدا ڪنداسين:وسند ٿري

حيدرآباد (پ  ر) سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ عالمي مالياتي سامراجي ادارن طرفان ٽين دنيا جي ملڪن کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائڻواري خطرناڪ منصوبن تي سنڌي عوام جو موقف رکڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري نيپال رواني ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪئنال منصوبا سنڌي عوام لاءِ قاتل منصوبا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف سموري دنيا ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ويندو. سامراج دنيا کي پنهنجي منصوبن وسيلي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا عالمي سامراج جي سازش جو حصو آهن. هارين کي پنھنجي زمين تان بي دخل ڪري ڪارپوريٽ ڪمپنين کي زمينون ڏنيون وينديون،هن چيو ته عالمي سامراجي ادارن جي بي رحم استحصال تي ملڪ جي پارليامينٽ خاموش تماشائي بڻيل آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جا وات سبيل آهن. هڪ اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.