اسلام آباد(عمران شفقت)هن وقت پاڪستان بابت خبرون ڀارت، آمريڪا، سعودي عرب، ۽ ترڪي سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي رهيون آهن، جن مان ڪي سٺيون ته ڪي خراب آهن.هڪ وڏي خبر اها آهي ته ڀارت پاران پاڪستان خلاف پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي، جيڪا رڳو ڪنهن سيل جي نه پر سڄي رياست جي سطح تي آمريڪا ۾ به سرگرم آهي. جڏهن ته ڀارت پاڪستان خلاف جنگ جي ميدان ۾ ڪا اهم ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ڀارت اهو پروپيگنڊا پکيڙي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ "نيوڪليئر ليڪس” يعني ايٽمي مواد جي ليڪ ٿيڻ سبب تابڪاري پکڙجي وئي آهي.ڀارتي يوٽيوب چينل "پي گرو” تي هڪ وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته سرگوڌا ايئر بيس تي ڀارتي "براموس” ميزائيل ۽ "سپائس بم” سان حملو ڪيو ويو،جنهن جي نتيجي ۾ تابڪاري پکڙجي وئي ۽ ماڻهو بيمار ٿيڻ لڳا. ان بيان ۾ مختلف ميڊيا ذريعن جهڙوڪ ”زي نيوز، ”نيوز انڊيا“، ”ڪسري نيوز“، ۽ هڪ ويب سائيٽ ”نيوڪليئر“ جو حوالو ڏنو ويو آهي. هن وڊيو بلاگ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سرگوڌدا ايئر بيس تي ٿيل حملي سان ايٽمي مواد ليڪ ٿيو ۽ تابڪاري سبب عوام متاثر ٿي رهيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي هفتيوار بريفنگ دوران، ڀارتي صحافي صداد صبال پاران ان بابت سوال ڪيا ويا. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا ڪا ٽيم موڪلي آهي ته ترجمان چيو ته اڃان تائين اهڙي ڪنهن صورتحال تي ڳالهائڻ لاءِ انهن وٽ ڪابه معلومات موجود ناهي، ٻئي پاسي دنيا جي مختلف حصن مان پاڪستان کي ڀليڪار ملي رهيو آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن جي ڳالهه ڪئي. ترڪ صدر به پاڪستان جي حمايت ڪئي،ٻئي پاسي ڀارت وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه نه رهيو آهي. مودي سرڪار جي ڪوشش آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ماڻهن کي سمجهائجي ته ڪجهه به ناهي ٿيو. اها حالت ان ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو سخت شڪست کان پوءِ ماڻهن کي يقين ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هجي.هاڻي اچو ٿا پاڪستان جي اندروني خبر ڏانهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جو موقف آهي ته جيڪي ماڻهو پاڪستان لاءِ فائديمند نه آهن، سي اسان لاءِ به بيڪار آهن. عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا، پر انهن سڀني کي ضايع ڪيو ويو. هاڻي صورتحال ايتري حد تائين وڌي چڪي آهي جو حڪومت کي گهرجي ته عدالت ۾ وڃي عمران خان جي ضمانت تي اعتراض نه ڪري.اڄڪلهه جي بيانن مان صاف ظاهر آهي ته عمران خان پاڻ کي سياسي طور تي مجبور محسوس ڪري رهيو آهي. سندس ٽوئيٽن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هاڻي هن وٽ صرف بيانن جو سهارو آهي.