ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ سگن پٽن هٿان پيءُ جي دل ڏاريندڙ قتل، سماجي قدرن، خانداني لاڳاپن ۽ انسانيت تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا، پوليس پٽن کي پيءُ جو ٻوري بند لاش کڻندي پڪڙي ورتو.ڊان نيوز موجب، ڪراچي جي ايف بي ايريا مان سامهون آيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سڳن پٽن پنهنجي پيءُ قتل ڪري سندس لاش گھر کان ٻاهر ڪڍي رهيا آهن ته جيئن ان کي لڪايو وڃي.فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽئي پٽ پنهنجي پيءُ جو لاش موٽر سائيڪل تي رکي مدرسي جي راهداريءَ ۾ آڻين ٿا. ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هڪ پٽ مرڪزي دروازو کولي ٻاهر جي صورتحال جو جائزو ورتو.ان کان پوءِ، اشارو ملڻ تي ٻه پٽ موٽر سائيڪل در کان ٻاهر وٺي وڃن ٿا، جڏهن ته ٽيون پٽ در بند ڪري ٻاهر نڪري ٿو.پوليس موجب، مقتول جا ٻه پٽ لاش کي لڪائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا، رستي ۾ انهن کي روڪيو ويو ۽ ٻوري کولڻ تي لاش مليو، جنهن کان پوءِ مقتول جا ٻئي پٽ، ابراهيم ۽ افضل، گرفتار ڪيا ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ خاور انجم جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ سان حڪيم هو ۽ ميرپورخاص جو رهواسي هو. خاور انجم ڪراچي ۾ پنهنجن ٻن پٽن، ابراهيم ۽ افضل سان گڏ مدرسي ذڪريا خيريه ۾ هڪ ڪمري ۾ رهندو هو.جاچ ڪندڙ عملدارن جو چوڻ آهي ته خاور انجم کي سندس ئي سڳن پٽن تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ سندس ڳلو دٻائي کيس قتل ڪيو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ قتل جا اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.