پاڪستان خطري وارو ملڪ ناهي رهيو، اقتصادي بحالي”معاشي معجزو“ قرار

اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي رسالي بيرن پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي "معاشي معجزو” قرار ڏئي ڇڏيو آهي، مشهور عالمي مئگزين وال اسٽريٽ جرنل جي سسٽر اداري بيرن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن سيڙپڪار پاڪستان ڏانهن ڌيان نه ڏيندا ته پوءِ اهي پڇتائيندا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارت سان ٿيل تازو تڪرار شايد پاڪستان جي بحالي کي متاثر نه ڪري، پر ملڪ جي پنهنجي ڪمزور معاشي بُنيادي مسئلو بڻجي سگهي ٿو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس ٽي ڀيرا وڌي چڪو آهي، جڏهن ته مهانگائي جيڪا لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ساليانو هئي، اها هاڻ لڳ ڀڳ ٻڙي جي ويجهو اچي وئي آهي، 2031ع ۾ ميچور ٿيندڙ يورو بانڊز جي قيمت ڊالر ۾ 40 سينٽ مان وڌي 80 سينٽ تائين پهچي وئي آهي، سينڊگلاس ڪيپيٽل مينيجمينٽ هاڻي سمجهي ٿي ته پاڪستان ايترو خطري وارو ملڪ ناهي رهيو، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موجوده حالتن شهباز شريف ۽ سندس فوجي ساٿين کي معاشيات ۽ زندگيءَ جي بهترين ترغيبن مان هڪ عطا ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.