پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، سعود ولي عهد وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر جون ڪوششون قابلِ تعريف آهن. اسان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪريون ٿا، جڏهن ته جي سي سي (گلف ڪوآپريشن ڪائونسل) خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. هن اهو به چيو ته غزه ۾ به جنگ بندي تي زور ڏيون ٿا. رياض ۾ ٿيندڙ گلف سمٽ کي خطاب ڪندي، محمد بن سلمان خليجي ملڪن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ولي عهد وڌيڪ چيو ته، "اميد آهي ته هي سربراهي اجلاس گڏيل هدفن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو.”.شهزادو محمد بن سلمان آمريڪي صدر ٽرمپ جي شام تي لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ واري فيصلي کي به ساراهيو، جنهن سان "شامي ڀائرن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.”غزه جي حوالي سان ولي عهد چيو ته، "اسين آمريڪا سان گڏجي غزه جي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.” هن چيو ته، "فلسطيني عوام لاءِ هڪ جامع ۽ مستقل حل ضروري آهي، جيڪو عرب امن منصوبي ۽ عالمي ٺهرائن جي مطابق هئڻ گهرجي.” هن زور ڏنو ته خطي کي درپيش چئلينجن جي آگاهي آهي ۽ غزه جي صورتحال جو مستقل سفارتي حل ضروري آهي. يمن ۽ سوڊان جي مسئلن جو حل به سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.