رياض(م ڊ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياض ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي موجودگيءَ ۾ شام جي عبوري صدر احمد الشرعسان تاريخي ملاقات ڪئي. عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب، هن ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کانسواءِ آمريڪا جو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ ترڪيءَ جو صدر طيب اردگان (وڊيو لنڪ ذريعي) به شريڪ هئا. ملاقات دوران، آمريڪي صدر شامي صدر تي زور ڏنو ته هو ٻين عرب ملڪن وانگر "ابراهيم معاهدن” ۾ شامل ٿي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻين. وائٽ هائوس موجب، ڊونلڊ ٽرمپ شامي عبوري صدر احمد الشرع کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو فلسطين جي عسڪريت پسندن سميت ٻين پرڏيهي ويڙهاڪن کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي. ٽرمپ اهو به چيو ته شامي صدر انهن داعش قيدين جي ڪيمپن جو ڪنٽرول سنڀالي، جيڪي هن وقت ڪرد مليشيا جي انتظام هيٺ آهن ۽ جن تي ترڪي کي اعتراض آهي. هي ملاقات ٿيڻ کان اڳ، گذريل ڏينهن ئي صدر ٽرمپ شام تي لڳايل آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي سعودي عرب، ترڪي ۽ ٻين عالمي اڳواڻن ساراهيو.ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گذريل مهيني واشنگٽن ۾ ٽرمپ سان ملاقات دوران شام تان پابنديون هٽائڻ جي مخالفت ڪئي هئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجينار وارن ملڪن جي چار ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب کان قطر پهچي ويو آهي، جتي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سندس آجيان ڪئي. صحافين جي موجودگيءَ ۾ هن عاليشان محل ۾ امير قطر ٽرمپ کي چيو: "مون کي خبر آهي ته اوهان امن جا داعي آهيو.” هن 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فٽبال جي عالمي ٽورنامنٽ فيفا ورلڊ ڪپ بابت ٻڌايو ۽ چيو ته ان دوران ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه آيو. ٽرمپ ان تي جواب ڏنو: "اهو اوهان جو وڏو ڪارنامو آهي.” ٽرمپ چيو ته هو ۽ امير قطر اڳ به گڏجي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ "هاڻ اسين وڌيڪ وڏي پيماني تي اهو ڪري سگهون ٿا.”هن چيو: "اسين امن واپس آڻينداسين، نه رڳو هتي پر مون کي خبر آهي ته اوهان ٻين علائقن ۾ به اسان جي مدد ڪندا رهيا آهيو، جيئن ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ.” ان کانپوءِ آمريڪي صدر ٿورو رڪجي ويو ۽ شاهي محل جي شاندار تعمير ڏسي حيرت مان ڏسڻ لڳو. ان کانپوءِ ٽرمپ چيو: "اوهان شاندار ڪم ڪيو آهي. هن کي ڏسو، هي تمام خوبصورت آهي. تعميراتي شعبي سان لاڳاپو هجڻ سبب مون کي لڳي ٿو ته هي سنگ مرمر جو ڪم تمام بهترين آهي. هن ڪم ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي.”