سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻين جو هاسٽل پرووسٽ خلاف ڌرڻو

ڄامشورو ( رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ يونيورسٽي جي ماروي گرلز هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين مسئلن جي حل لاءِ سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ کانپوءِ هاسٽل پرووسٽ پاران مبينا طور هيسائڻ واري عمل خلافاحتجاجي مظاهرو ڪري هاسٽل گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ يونيورسٽي جي مارئي گرلز ھاسٽل ۾ مسئلن جي حل ۽ ھاسٽل پرووسٽ جي زيادتين خلاف سوين شاگردياڻين ھاسٽل مان نڪري گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگرياڻين جو چوڻ ھو ته ھاسٽل پرووسٽ ناھيد آرائين ھاسٽل کي ذاتي ملڪيت سمجھي پنهنجي جاگير ٺاھي ويٺي آھي، مسئلن جي حل لاءِ شڪايت ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ کانپوءِ ھوءَ اسان مٿان ڏمرجي پئي آهي. هنن چيو ته هاسٽل ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، هاسٽل ۾ معياري کاڌو، انٽرنيٽ سهولت ۽ صفائي سٿرائي ناهي، اھڙيون شڪايتون ڪرڻ تي ھاسٽل پرووسٽ انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائي رهي آهي، جنھن سبب اسان مجبورن احتجاج ڪيو آھي  ھنن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو آھي ته ھاسٽل پرووسٽ ناهيد آرائين کي فوري طور ھٽائي اسان جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن. شاگردياڻين جي احتجاج ۾ شاگرد به شامل ٿي ويا آھن، جڏھن ته ان دوران ھاسٽل پرووسٽ ھاسٽل مان ٻاھر نڪري آئي ۽ احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين سان منهن ماري ڪندي انھن کي احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ داٻا ڏنا ته شاگردياڻيون مڇرجي پيون، ھنن اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.