ڪراچي (ارباب چانڊيو) ھڪ طاقتور صوبائي وزير جي وزارت وڃڻ واري آھي. جنھن جي وزارت وڃڻ واري آھي ان جي آفيس ميٽروپول جي ويجھو ويجھو آھي ممڪن اھي تھ بجيٽ کان اڳ يا پوءِ ان جو اعلان ٿي وڃي. ان کان اڳ ھڪ صوبائي وزير ٿھيم صاحب ھڪ خط بھ لکيو ھيو ان ميٽروپول واري وزير لاءِ تھ ان جو ھڪ ماڻھو مون وٽ سيڪريٽري آھي ۽ اربين رپين جي ھير ڦير ڪري رھيوآھي. اھو خط ھن وزيراعليٰ کي لکيو ھيوپر دٻاءٌ پوڻ تي ڦري ويو تھ مون اھو خط ناھي لکيو. پڇا ڪرڻ تي ھن چيو تھ مان خط لکيو ھنن چيو واپس وٺ سو وٺي ڇڏيم. معاملو اتي ئي گم ٿيويو.ھن وزير وٽ بھ ميٽرپول جي ڀرپاسي مان ھڪڙو ڪم آيو جنھن تي ھن انڪار ڪيو يا وري شايد ڪم ڪندي ڪندي دير ٿي ويس. جنھن تي ميٽرپول جي ڀر وارا ناراض ٿي ويا ۽ وڏي صاحب کي شڪايت ڪيائون شڪايتن جا انبار ٺھڻ تي ان وزير کي نياپو ڪيو ويو تھ تنھنجي وزارت ھلي وئي آھي،ان پيغام تي ھن ڀڄ ڊڪ شروع ڪئي وزيراعليٰ ھائوس ويو، عبدالله شاھ غازي لڳ ھڪ بنگلي تي ويو پر اتان کيس ڪو خاطر خواھ جواب نھ مليو تھ سندس وزارت بچي سگھندي. ان جو سبب اھوآھي تھ ميٽرپول واري شخصيت جنھن جي ڪڍي لڳي ان جي وزارت ناھي بچندي.کيس استعفيٰ جو چيو ويو آھي ۽ ھن استعيفيٰ ھڪ شخصيت حوالي ڪري ڇڏي آھي، ان طاقتور وزير جي وزارت ھاڻي سکر ڊويزن جي هڪ اسيمبلي ميمبر کي ملڻ واري آھي،پارٽي اندر ھو ھڪ سخت گير شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سندس لاءِ فائدي مند بھ آھي تھ نقصان وارو بھ، طاقتور وزير جي کاتي ۾ مداخلت وڌي وئي هئي،ٻئي مرحلي ۾ چيو ويو ته توهان فلاڻي فلاڻي اداري ۾ نٿا وڃي سگهو،ٽئين مرحلي ۾ کيس چيو ويو ته ايم اي جناح جي سامهون وارن سان توهان جو ڪو به تعلق ناهي، ھتي سوال اھو آھي تھ ڇا سنڌ ڪابينا جي وزيرن جي چونڊ ميٽرپول وارو ڪندو آهي يا سنڌ ڪابينا ڪندي آھي. ھن وقت طاقت جو سرچشمو سنڌ جو عوام ناھي پر اھو ميٽرو پول وارو همراهه آھي.