پي ايس ايل 10 جي ٽڪيٽن جو آن لائين وڪرو شروع، پراڻين ٽڪيٽن وارن جو ڇا ٿيندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ جنگبنديءَ کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين سيزن جي رهيل ميچن لاءِ ٽڪيٽن جي آن لائين وڪري شروع ٿي ويو آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چوڻ آهي ته جن شوقينن پراڻي شيڊيول موجب ٽڪيٽون خريد ڪيون هيون، اُهي ساڳين ٽڪيٽن تي ميچ ڏسي سگهندا.
پي سي بي موجب، نئين شيڊيول تحت سڀني ميچن جون ٽڪيٽون آن لائين وڪري لاءِ موجود آهن.
پي سي بي وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي ته 18 مئي تي راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ڊبل هيڊر ڊي تي ٻنهي ميچن لاءِ 9 مئي واري ٽڪيٽ قابلِ قبول هوندي.
ان کانسواءِ ايليمينيٽر ون، ٽو ۽ فائنل جون ٽڪيٽون اڳواٽ خريد ڪندڙ شوقينن کي ساڳين ٽيڪٽن نئين شيڊيول تحت ڄاڻايل مقابلا ڏسڻ جي اجازت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.