ٽِڪ ٽاڪ اسٽوريز ۾ اهم فيچر جو وڌارو، ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟

ٽِڪ ٽاڪ طرفان جنريٽو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) فيچرز کي اهڙي نموني ايپ جو حصو نه بڻايو ويو آهي، جهڙي طرح ميٽا انسٽاگرام ۾ شامل ڪيو آهي.
ان باوجود به ڪمپني طرفان مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فيچرز جو تجربو ضرور ڪيو پيو وڃي.
هاڻي ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ ۾ اي آءِ تي ٻڌل هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
اي آءِ آلائيو نالي هي فيچر واهپيدارن کي ڪنهن به ساڪت تصوير مان مختصر وڊيو ٺاهڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو.
هي فيچر هن وقت ٽڪ ٽاڪ جي اسٽوريز فيچر ۾ موجود آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي پهرين هڪ تصوير پوسٽ ڪرڻي پوندي (ايپ جي ان باڪس مان ان تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي)، ان کانپوءِ نئين اي آءِ آلائيو آپشن جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
اهو آپشن ” ميڪ دِس ڦوٽو ڪم آلائيو“ تي کڻي ايندو، جتي اڳواٽ لکت يا پرامپٽس موجود هوندا، جن مان چونڊ ڪري سگهجي ٿي يا صارف پنهنجي مرضي موجب هدايتون ڏئي سگهي ٿو.
ان پرامپٽس جي مدد سان تصوير کي هڪ دلچسپ مختصر وڊيو ۾ تبديل ڪيو ويندو.
هي فيچر ٽِڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ دلچسپ ۽ انوکو تجربو فراهم ڪندو، جنهن ذريعي هو اسٽوريز لاءِ منفرد يا مزاحيه وڊيوز تيار ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.