ايلڪس هيلز ٻيهر اسلام آباد يونائيٽيڊ سان سلهاڙجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو جارح مزاج بيٽر ايلڪس هيلز ٻيهر پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ جو حصو بڻجي ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ايلڪس هيلز چيو ته ”اسلام آباد يونائيٽيڊ منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، هيءَ پي ايس ايل جي اُها ٽيم هئي، جنهن ذريعي مون پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تجربو حاصل ڪيو.“
ايلڪس هيلز وڌيڪ چيو ته ”اسلام آباد جي مداحن ۽ مئنيجمينٽ هميشه مون کي سپورٽ ڪيو، ٽيم سان ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ بيچين آهيان.“
هن اميد ظاهر ڪئي ته ” پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم کي رهيل ميچن ۾ ڪاميابيون ڏياري ۽ ٽائيٽل جي دفاع جي ڪوشش پڻ ڪندس“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.