اهم آسٽريلوي ڪرڪيٽر جو آءِ پي ايل کيڏڻ کان انڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نوجوان آسٽريلوي بيٽر جيڪ فريزر ميگرڪ آءِ پي ايل 2025 مان هٿ کڻي ورتو آهي، هو چنائي سپر ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ انگلش ڪرڪيٽر جيمي اوورٽن کانپوءِ ٻيو پرڏيهي رانديگر آهي، جنهن ٽورنامينٽ جون باقي ميچون نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميگرڪ کي دهلي ڪيپيٽلز (ڊي سي) هن سال جي ميگا آڪشن ۾ 9 ڪروڙ ڀارتي رُپين ۾ خريد ڪيو هو، آسٽريلوي بيٽر پنهنجي غير موجودگي بابت فرنچائيز کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي ڊي سي طرفان ميگرڪ جي جاءِ تي بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي ٽورنامينٽ جي رهيل ميچن لاءِ ڇهه ڪروڙ ڀارتي رپين عيوض ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مستفيض آخري ڀيرو آءِ پي ايل ۾ 2022 ۽ 2023 جي سيزنن ۾ دهلي جي نمائندگي ڪئي هئي، جتي هن ٻنهي سيزن دوران مجموعي طور تي 9 وڪيٽون ورتيون هيون.
ٽورنامينٽ جي ضابطن موجب، بنگلاديشي فاسٽ بالر کي ايندڙ سال آءِ پي ايل 2026 لاءِ ڊي سي پنهنجي اسڪواڊ ۾ برقرار نه رکي سگهندي، ڇو ته نون ضابطن موجب متبادل طور شامل ڪيل رانديگر کي رِٽين نٿو ڪري سگهجي.
آءِ پي ايل جي شروعاتي قانونن موجب، ٽيمون بيماري يا زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي 12هين ميچ تائين متبادل رانديگر کي شامل ڪري سگهن ٿيون، پر هاڻي ضابطن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ٻيهر ترتيب ڏنل سيزن لاءِ عارضي متبادل کي باقي ميچن لاءِ شامل ڪرڻ جي اجازت آهي.
واضح رهي ته فريزر ميگرڪ، آءِ پي ايل 2024 جي پڄاڻي تي ڊي سي لاءِ اهم بيٽر ثابت ٿيو هو، پر هلندڙ سيزن جي شروعاتي ڇهن ميچن ۾ هو فارم ۾ نه اچي سگهيو، جتي هن رڳو 55 رنسون ٺاهيون جن مان پنج اننگز ۾ هو ڊبل فگر تائين به نه پهتو، انهيءَ ڪارڪردگي کانپوءِ کيس بئنچ تي ويهاريو ويو.
پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب ٽورنامينٽ ملتوي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪيترائي پرڏيهي رانديگر پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس هليا ويا.
ڊي سي اڃا تائين پلي آف جي ڊوڙ ۾ شامل آهي، پر ٽيم کي اڃا تائين مچل اسٽارڪ، فاف ڊوپليسي ۽ ٽرسٽن اسٽبز سميت ڪيترن ئي پرڏيهي رانديگرن جي شرڪت بابت حتمي تصديق جو انتظار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.