سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان 4 جي ڀرتين لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سردار شاهه

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته تعليم سان سلهاڙيل اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ سردار شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايجوڪيشن ورڪس اسڪيمن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون.
اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي لاڙڪاڻي پهتس، جيڪي به مسئلا آهن، اهي حل ڪيا ويندا.
هن چيو ته ماسترن جون بچيل سيٽون مختلف تعلقن کي ڏئي کوٽ پوري ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان 4 جي ڀرتين لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.