ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي به ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
محمد شامي ڀارتي نيوز ويب سائيٽ طرفان شايع ڪيل ڪوڙي خبر جو اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي تي شيئر ڪيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري رهيو آهي.
ڪوڙي خبر ڏيندڙ ڀارتي صحافي، اڳ ۾ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي بابت به اهڙي قسم جون افواهون ڦهلائي چڪو چڪو آهي.
محمد شامي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ صحافي کي طنزيه انداز ۾ مخاطب ٿيندي لکيو ته ” ڏاڍو سٺو، مهاراج! هاڻي پنهنجي نوڪري جا ڏينهن به ڳڻي وٺ ته ڪيترا بچيا آهن، اسان کي پوءِ ڏسجانءَ.“
هن چيو ته”اوهان جهڙا ماڻهو اسان جي مستقبل جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڪڏهن ته ڪا سٺي ڳالهه به ڪندو ڪر.“
محمد شامي جو وڌيڪ جي چوڻ هو ته ” معاف ڪجو، پر هيءَ اڄ جي سڀ کان خراب ڪهاڻي آهي.“
You might also like