آءِ پي ايل ۾ سيڪيورٽي خدشا، بي سي سي آءِ مختلف بورڊن تي پرڏيهي رانديگرن جي واپسي لاءِ دٻاءُ وجهڻ لڳو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبنديءَ جو اعلان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي پرڏيهي رانديگرن اڃا تائين سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت واپسيءَ بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ رانديگرن جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ پرڏيهي ڪرڪيٽ بورڊن تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ آءِ پي ايل جي انتظاميا کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته انگلينڊ، آسٽريليا سميت سڀني لاڳاپيل بورڊن سان سڌي ريت رابطا ڪن ته جيئن رانديگرن جي خدشن کي دور ڪري سگهجي.
بي سي سي آءِ اختيارين جو چوڻ آهي ته هو سڀني پرڏيهي بورڊن سان رابطي ۾ آهن، جڏهن ته فرنچائزز به پنهنجن رانديگرن سان سڌو سنئون رابطو ڪيو آهي ته جيئن کين واپس آندو وڃي.
ٻئي پاسي، ڪرڪيٽ آسٽريليا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت واپس وڃڻ يا نه وڃڻ وارو فيصلو رانديگرن جو ذاتي آهي ۽ بورڊ سندن هر فيصلي جي حمايت ڪندو.
آسٽريلوي بورڊ موجب، ٽيم مئنيجمينٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ تيارين جو جائزو وٺندي ۽ ڀارت واپس ويندڙ رانديگرن جي تيارين تي پوندڙ اثر جو پڻ جائزو ورتو ويندو.
بورڊ ان سلسلي ۾ آسٽريلوي حڪومت ۽ بي سي سي آءِ سان سيڪيورٽي انتظامن بابت رابطي ۾ آهي.
ياد رهي ته آءِ پي ايل 17 مئي کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٽورنامينٽ جو فائنل 3 جون تي ٿيندو آهي.
ان کانپوءِ 11 جون کان آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل به شيڊيول آهي.
واضح رهي ته 9 مئي تي آءِ پي ايل جي معطلي کانپوءِ ڪيئي پرڏيهي رانديگر پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس هليا ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.