پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ-هڪ قيديءَ جي مٽاسٽا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ واھگا-اٽاري پوسٽ تي هڪٻئي جي هڪ-هڪ قيديءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪار پرنم ڪمار شاهه کي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته موٽ ۾ پنجاب رينجرز جي اهلڪار محمد الله کي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پرنم ڪمار شاهه کي پاڪستاني فورسز سرحدي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته محمد الله کي ڀارتي فورسز ساڳئي الزامن تحت حراست ۾ ورتو هو.
ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي کان پوءِ 12 مئي تي ڊي جي ملٽري آپريشنز وچ ۾ رابطو ٿيو هو، جنهن دوران جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.