ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي مشهور هدايتڪار نبيل قريشيءَ کان مداحن سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي خلاف پاڪستاني فوج جي ڪامياب آپريشن ”بنيان مرصوص“ تي فلم ٺاهي.
سوشل ميڊيا تي هن وقت ڀارتي جارحيت ۽ مودي حڪومت جي جنگي جنون جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج طرفان ڪيل ڪامياب آپريشن ”بنيان مرصوص“ جا چرچا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان نبيل قريشي کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ان آپريشن تي فلم ٺاهي ۽ خاص طور ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد جي ڪردار کي مرڪزي حيثيت ڏي.
هڪ واهپيدار تي تجويز ڏني ته ايئر مارشل جي ڪردار لاءِ اداڪار فواد خان کي چونڊيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس شڪل اورنگزيب احمد سان ملندڙ جلندڙ آهي.
نبيل قريشي ان ٽوئيٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي فلم ٺاهڻ جي ارادو ظاهر ڪندي چيو ته آپريشن ” بنيان مرصوص“ تي فلم ٺاهڻ سندس لاءِ اعزاز هوندو.
ٻئي پاسي ڪجهه واهپيدارن تجويز ڏني آهي ته فواد خان ڀارتي فلم انڊسٽريءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي، تنهنڪري کيس ڪردار ڏيڻ بدران پاڪستاني اداڪارن کي موقعو ڏنو وڃي، جيڪي مُلڪي انڊسٽري سان وفادار رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي جتي مختلف مداحن طرفان اداڪارن جون تصويرون شيئر ڪري، ايئر مارشل جي ڪردار لاءِ رايا گهريا پيا وڃن.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ هدايتڪارن کي همايون سعيد، فهد مصطفى، حمزه علي عباسي ۽ وهاج علي جا نالا به تجويز ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته ”بنيان مرصوص“ نالي آپريشن تحت پاڪستاني فضائيه ڀارت جا 12 اهم ٿاڪ تباهه ڪيا، جن ۾ اُڌمپور، پٺاڻ ڪوٽ،سرسه ائير بيسز، سورت ڳڙهه جي ائيرفيلڊ، براهموس ميزائل اسٽوريج، ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر (جي ٽاپ) ۽ اُڙي ۾ موجود سپلاءِ ڊپو شامل هئا.