نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ڪيترن ئي ايئر بيسن، ايئرفيلڊز، جهازن ۽ ڊرونز جي تباهي کان پوءِ، ڳجهن لفظن ۾ پاڪستان هٿان شڪست کائڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، مودي ڪالهه اڱاري ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ڀارتي تباهي کان پوءِ دل شڪسته عوام ۽ شڪست کائيندڙ ڀارتي فوج جي حوصلا افزائي جي ناڪام ڪوشش ڪئي، مودي لکيو ته انهن سڀني ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي نتيجن بابت ٿورو مايوس محسوس ڪري رهيا آهن، مان چوڻ چاهيان ٿو ته هڪ امتحان ڪڏهن به توهان جي سڃاڻپ جو پيمانو نه ٿو ٿي سگهي، توهان جو سفر ان کان گهڻو وڏو آهي ۽ توهان جون صلاحيتون مارڪ شيٽ کان به گهڻيون وسيع آهن، پراعتماد رهو، جستجو جاري رکو، ڇو ته توهان لاءِ عظيم ڪاميابيون منتظر آهن.