اسلام آباد (فخر دراني)ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار دوران جتي پاڪ فوج ڀارت جي جارحيت کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف رهي، اتي ئي پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن ۽ حامين پاران سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف پروپيگنڊه مهم هلائي وئي. انهن ماڻهن پاڪ فوج تي تنقيد ڪندي،ان کي ڪمزور ڏيکاري آرمي چيف سميت وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ڀارت جي حملي بعد سڌو سنئون آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته فوج وٽ ڀارت جو جواب ڏيڻ جي همت ئي ناهي ۽ صرف پنهنجي عوام تي ظلم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. جڏهن ته پي ٽي آءِ حامي ڪجهه صحافي ڀارتي حملي دوران به فوج جو مورال ڪيرائڻ لاءِ بيان ڏئي رهيا هئا،انهن ۾ آفتاب اقبال ۽ عمران رياض جون ويڊيوز ۽ ٽوئيٽس فوج خلاف ماحول پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ٿيون.هوڏانهن پاڪستان جي اڳوڻي سفير ظفر هلالي پاران اهو خيال سامهون آيو ته ڀارت جنگ بندي دوران ٻيهر ري گروپ ٿي پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿوجڏهن ته جنگ هن جي واپار ۽ عالمي لاڳاپن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، عالمي گارنٽيرز هن معاملي ۾ سرگرم ٿي چڪا آهن، جن لاءِ ڀارت جي جارحيت نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڀارت لاءِ هاڻي سيزفائر جي ڀڃڪڙي عالمي سطح تي بدنامي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.