والد کي موت جي سزا جون ڌمڪيون پيون ملن: عمران خان جا پٽ

لنڊن(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان جو پهريون انٽرويو سامهون اچي ويو، جنهن ۾ ٻنهي الزام هنيو ته سندن والد کي اڪيلائي ۾ رکي، حوصلا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر هو ڊيل نه ڪندو. سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي ماريئو ناوفل جي شو ۾ ڳالهائيندي قاسم ۽ سليمان چيو ته عمران خان کي گذريل ٻه سالن کان اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي، عدالت هر هفتي فون تي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو، پر ٻن ٻن مهينن تائين اسان سان رابطي جي اجازت نه ٿي ملي. قاسم خان چيو ته آخري ڀيرو اسان والد کي اُن وقت ڏٺو جڏهن هن کي ٽي گوليون لڳيون هيون، هو ان وقت به مرڪيو، حوصلو نه وڃايو، اسان جي والد لاءِ ڊيل قبول ڪرڻ ممڪن ناهي، هو اصولي انسان آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نٿو ڪري. سليمان خان چيو ته جمهوريت ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف آواز بلند ڪرڻ تي والد تي سختيون وڌايون ويون، هاڻي اسان خاموش نٿا رهي سگهون، 2 سال ٿي ويا، 1992 جي ورلڊڪپ جون تصويرون به ڊاٿيون ويون، عمران خان کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قاسم خان وڌيڪ چيو ته والد کي بجلي کان به محروم ڪيو ويو، ڊاڪٽر سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ۽ فون ڪالز به بند ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي سڀ حربا والد جو حوصلو ٽوڙڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، پر عمران خان کي ٽوڙڻ سولو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.