ورجينيا (رپورٽ: ضياءُ قريشي) سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاڻي تحريڪ ۾ شريڪ ڪردارن کي سنڌ جا هيروز قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻٻرلو ڌرڻي نئين سنڌ اڏي آهي، درياهه ڪروڙين سنڌين جو جياپو آهي، هاڻي حڪومت ڳڙ ٻڙ ڪئي ته مزاحمت ٿيندي، سي سي آءِ کي حڪومتي بدران جمهوري ادارو بڻايو وڃي، سڄي سنڌ ڊيلٽا آهي، سماج سماجي ڪمن نه پر سياست سان تبديل ٿيندو،زوم ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪئناڊا ۾ رھندڙ سنڌ ڄائي شاعره ماهين هيسباڻي چيو آهي ته سنڌ جي ضمير ۽ خمير ۾ حب وطني جو عنصر ڪمالآهي، تاريخ ڀري پئي آهي ته سنڌ جي ماڻهن ڌرتيءَ لاءِ وڙهندي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن پر ڪئنالن خلاف ٻٻرلو ڌرڻي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، سڄي سنڌ هڪ نظر آئي، هر شعبي جي ماڻهو قومي فرض سمجهي تحريڪ ۾ حصو ورتو، اهڙو مثال اوھان کي ڪٿي نه ملندو، انهيءَ ڪري ٻٻرلو ڌرڻي جي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا،اقبال ترين چيو ته ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ جن به حصو ورتو اهي هيروز آهن، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي واري تحريڪ 1950ع 60ع کان هلندڙ هئي، جنهن ۾ وڏي سفر بعد ٻٻرلو ڌرڻي جي صورت ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، ماضيءَ ۾ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪئي وئي، جنهن ۾ رسول بخش پليجو، شمشير حيدري، تنوير عباسي ۽ ٻين جو ڪردار وساري نه ٿو سگهجي.پاڻي ماهر ليکڪ شهاب اوستو ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ڀارت سنڌو درياهه کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ته پوءِ جنگ ٿيندي، ڇاڪاڻ سنڌو اسان جو جياپو آهي، هن چيو ته ڀارت کان پاڻي بند ٿيڻ جو وڏو خطرو ناهي، ڪو بٽڻ ناهي جنهن کي دٻائي پاڻي روڪيو وڃي، باقي سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني ڪري پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ضرور ڪري رهيو آهي، شهاب اوستو چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي ماڻهن ڪئنالن خلاف پرامن تحريڪ هلائي هڪ مثال قائم ڪيو آهي، ڌاڙيل خاموش ٿي ويهي رهيا، ڪرائيم زيرو رهيو، وڪيل ٻٻرلوءِ ۾ سخت گرمي ۾ ويهي رهيا، اهڙي جذبي تي وڪيلن کي سلام ڪريان ٿو، سنڌ ۾تبديلي اچي چڪي آهي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه زوم ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان 2023ع کان الرٽ هئاسين، حڪومت ايس آئي ايف سي نالي سان هڪ ادارو ٺاهيو، جنهن ذريعي قدرتي وسيلن ۽ ملڪيتن بابت فيصلن جو اختيار ڏنو ويو، گرين پاڪستان منصوبو به ان جو حصو هو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ 1.3 ملين ايڪڙ زمينون الاٽ ڪيون ويون، جڏهن ته 8 جولائي 2024ع تي صدر زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 6 ڪينالن جا منٽس سامھون آيا، هن چيو ته اسانجي سماج خاص طور نوجوانن کي غيرسياسي بڻايو ويو پر پاڻي تحريڪ ماحول تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سڄي سنڌ سياست طرف موٽي آئي آهي، جنهن سان مثبت اميد ظاهر ٿي آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ سنڌو درياهه جو ڊيلٽا سمجهان ٿو،نهري نظام کان اڳ سنڌو درياهه شاخن ۾ ورهايل هوندو هو، جن کي هاڻي ڪينالز بڻايو ويو آهي، سماجي ڪم سان سماج کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، سياست ئي پاليسيون ٺاهيندي آهي، مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو آهي ته اها به هڪ عالمي سطح جي سازش هئي ته جيڪي ماڻهو واقعي سياست ذريعي سماج ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا، انهن کي سماجي ڪم جي پويان لڳايو ويو. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙ ڀائر ڄاڻي واڻي سنڌ جي سياست کان پري ٿي ويا آهن، درياهه جي مالڪي لاءِ اردو ڳالهائيندڙن سميت سنڌ ۾ آباد سمورين ٻولين جي ماڻهن کي سنڌو درياهه لاءِ جدوجھد ڪرڻ گهرجي. سوشل ايڪٽيويسٽ روماسا جامي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ثقافتي ۽ مذهبي سماج ۾ عورتن لاءِ گهٽ گنجائش ڇڏي وئي آهي، پدرشاهي سوچ سبب سياست ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ نظر اچي ٿي، صحافي دودو چانڊيو چيو ته پاڻي تحريڪ جي قيادت ئي عورتن ڪئي، عورتن هميشه پاڻ ملهايو آهي، ٻٻرلو ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي سورمين سميت سنڌ جي باشعور عورتن ڀرپور حصو ورتو ۽ آخر تائين ويٺل رهيون هيون. پاڻي ماهر صحافي ممتاز بخاري چيو ته ماضي ۾ ڌرڻا هڪ اڌ ڏينهن لاءِ لڳا پر ڪئنالن خلاف ٻٻرلو ڌرڻو مختلف هو، ماڻهو ويهي رهيا ۽ تڏهن اٿيا جڏهن ڪينالن وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، ڌرڻي سان ٻئي شئي اها دنيا آڏو ظاهر ٿي ته هزارين بيٺل گاڏين ۾ ڪروڙين رپين جو سامان پيل هو پر انکي ڪنهن هٿ به نه لاتو، ڌرڻو هڻندڙن مسافرن جي جيڪا مهمانوازي ڪئي، ان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڪڙي وانگر سنڌو درياهه کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٻٻرلو ڌرڻو پرامن تحريڪ هئي، هاڻ ماڻهو ايترا پرجوش آهن، جيڪڏهن حڪومت ٻيهر گڙ ٻڙ ڪئي ته سنڌ واسي مزاحمت تائين وڃي سگهندا.نوجوان وڪيل غلام نبي جروار زوم ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته سول بالادستي جي جنگ وڙهندڙ ڌرين سوديبازي ڪري ڇڏي آهي، پاڻي تحريڪ جي نوجوانن جي جذبي ماضي جي ڪامريڊن کي به متاثر ڪيو.