ڀارت سان ڇڪتاڻ جو معيشت تي وڏو اثر نه پوندو:محمد اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڀارت سان تازو ٿيل فوجي تڪرار جو پاڪستان جي معيشت تي ڪو وڏو اثر نه پوندو ۽ ان صورتحال کي موجوده مالي وسيلن جي اندر رهي ڪري سنڀالي سگهجي ٿو،روئٽرز کي ڏنل انٽرويو دوران اورنگزيب چيو ته هن وقت ڪا نئين اقتصادي جائزي واري رپورٽ جي ضرورت ناهي، آمريڪا سان واپاري ڳالهين ۾ جلد اڳڀرائي جي اميد آهي، جنهن تحت پاڪستان اعليٰ معيار واري ڪپهه، سويا بين ۽ ٻين شين کي آمريڪا ڏانهن برآمد ڪري سگهندو، جنهن سان ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو ايندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.