مودي وڏي جنگ جي تياري ۾ رڌل، جنگ بندي عارضي وقفو ؟

اسلام آباد(طلعت حسين) نريندر مودي جي تازي تقرير  مان ٽي شيون چٽيون ٿين ٿيون ھڪ تھ فرسٽريشن جوشڪار آھي، ٻيو ڪاوڙ ۾ آھي ۽ ٽيون ڪجھھ نئون وڏو معاملو ڪرڻ  جي تياري ۾ آھي. ٻئي پاسي ڊي جي ايم اوز جي گڏجاڻي ۾ ھڪ ڳالھھ جواشارو ملي ٿو تھ سيز فائر حقيقي آھي ۽ ان کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. پر ٻئي پاسي مودي جي تقرير بھ موجود آهي. سو جنگ بندي  ھڪ جنگ دوران ھڪ وقفي وانگرآھي جنھن جنگ ۾ مودي کي ڪافي مار آئي آھي،مودي پاڪستان کي سبق سيکارڻ واري خيال ۾ سڀ آنا ھڪ ٽوڪري ۾ رکي ڇڏيا سندس خيال ھيو تھ ھو اندرا گانڌي بعد نيوڪليئر پاڪستان کي سبق سيکاريندو تھ واھ واھ ٿي ويندس. اصل ۾ مودي ھندوتوا جي  سوڀ جو خواھشمند آهي،ساڳيو معاملو اسرائيل جو بھ نظر ايندو جتي  جيو پاليٽڪس کي مذھب سان وچڙايو ويوآھي. مودي ھندستان ۾ ايترو پريشر تيار ڪري ڇڏيو آھي جو کيس ڪير بھ اٿي نھ چوندو تھ تون غلط ٿو چوين. سو جلد ڏسنداسين تھ ھندستان جي طرفان وڏي تياري ٿيندي. اھو ھڪ معرڪو پاڪستان سان ڪرڻ گھري ٿو ۽ اھا ڇڪتاڻ  وڌندي. اسان لاءِ ضروري آھي تھ  اندر الجھاءِ بجاءِ سلجھاءِ آڻيون، پي ٽي آئي سان  معاملا بھتر ڪرڻ لاءِ ھي سٺو موقعو آھي، پي ٽي آئي کي بھ جيڪو اسپيس ملي وٺڻ گھرجي،دشمن پنھنجي وزيراعظم وسيلي پنھنجي مستقبل جو پلان ٻڌايو آھي. ٻيو جيڪي بھ سوشل ميڊيا ولاگز يا ٻين فورمن وسيلي ناڪاري ڳالھيون ڦھلائين ٿا رياست کي انھن جو ھر صورت ۾ وات بند ڪرڻوآھي. ٽيون اسان کي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ٺاھڻي آھي، جن معاملن تي عالمي طور تي خدشا موجود آھن انھن جو ازالو ڪرڻ گھرجي. اسان کي پنھنجي معاملن کي سڌارڻ گھرجي لوپ ھولز کي بند ڪرڻوآھي. ائين ٿي ويو تھ ٻاھرين خطرن کي منھن ڏيڻ مشڪل نھ ھوندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.