ڪراچي (پ ر) برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان گڏ سينيئر سياسي مشير هُديٰ اڪرام ۽ معاشي مشير نوم روزن باؤم به موجود هئا.
اها ملاقات پاڪستان ۽ برطانيا جي تاريخي ۽ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي هئي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي وفد جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخي اهميت تي روشني وڌي.
اسپيڪر ٻڌايو ته هيءَ پهرين اسيمبلي هئي، جنهن جدا مسلم رياست جي قيام جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ ان ئي ايوان ۾ آزادي کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان جو قومي جهنڊو لهرايو ويو.
سيد اويس قادر شاهه سان گڏ ايم پي اي سعديه جاويد، ايم پي اي جام شبير علي، سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ ۽ هما اڪرام الله به موجود هئي.
ملاقات دوران واپار، تعليم ۽ عوامي صحت جي شعبن ۾ سنڌ ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون، اسپيڪر ٻوڏ ۽ ٻين انساني بحرانن دوران برطانيا جي مستقل مدد تي ٿورا مڃيا.
سيد اويس قادر شاهه ۽ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي وڌندڙ مسئلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ زور ڏنو ويو ته عوامي نمائندن کي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته عالمي معاملن تي پڻ ڳالهيون ٿيون.
اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگبندي واري اعلان جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ان فيصلي کي ڀليڪار ٿو چوي ۽ اميد ڪري ٿو ته ٻي ڌر به ان فيصلي تي عمل ڪندي.
اويس قادر شاهه واضح ڪيو ته پاڪستان هميشه امن جو حامي رهيو آهي ۽ معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو.
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سنڌ جي صوفياڻي ۽ هم آهنگ معاشرتي ڍانچي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جتي مذهبي اقليتون عزت ۽ احترام سان رهن ٿيون ۽ حڪومت ان هم آهنگي جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.
مسٽر ڊوم سنڌ جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ ترقي جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته ايم پي اي سعديه جاويد ۽ جام شبير علي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه جي اڳوڻي وزيرِ ٽرانسپورٽ طور ورتل قدمن تي روشني وڌي، جن ۾ ريڊ بس سروس ۽ اليڪٽرڪ بسن جو آغاز شامل آهي.
برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي درخواست تي سيد اويس قادر شاهه وفد کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخي اولڊ هال جو دورو ڪرايو، جتي قرارداد پاڪستان منظور ڪئي وئي هئي، ان کان پوءِ وفد کي نئين اسيمبلي هال جو به دورو ڪرايو ويو، جيڪو سنڌ جي جمهوري ترقيءَ جي علامت آهي.
ان موقعي تي اسپيڪر اويس قادر شاهه ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لينس ڊوم کي سنڌ اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ، سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪيا.
ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پُرتپاڪ استقبال، بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۽ شاندار مهمان نوازي تي اسپيڪر جا ٿورا مڃيا.
You might also like