ميلبورن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ۽ پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي ج ڪپتان ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل جي جون رهيل ميچن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڊيوڊ وارنر تصديق ڪئي آهي ته هو پي ايس ايل جي رهيل ميچن لاءِ پاڪستان واپس ويندو.
سندس چوڻ هو ته کيس پاڪستان ۾ سڪيورٽي تي مڪمل اعتماد آهي ۽ هو پنهنجي ٽيم لاءِ اهم مرحلي تي موجودگي لازمي سمجهي ٿو.
ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا جو ٻيو رانديگر بين ميڪڊرمٽ به پي ايس ايل جي لاءِ ٻيهر پاڪستان اچڻ بابت غور ويچار ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پنهنجي ”ايڪس“بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته پي ايس ايل جون رهيل 8 ميچون 17 کان 25 مئي تائين لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.
سندس چوڻ هوته ليگ اتان کان ئي ٻيهر شروع ٿيندي، جتان ڇڪتاڻ سبب روڪي وئي هئي.