ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گذريل هفتي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب آءِ پي ايل هڪ هفتي لاءِ معطل ڪئي وئي هئي..
ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڌرمشالا ۾ رٿيل ميچ اڌ ۾ روڪي وئي، اسٽيڊيم جون بتيون بند ڪيون ويون هيون ۽ ڪيترن ئي پرڏيهي رانديگرن پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ فلائيٽس جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي هئي.
پاڪ فوج جي سخت جواب کانپوءِ ڀارت ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ انتظاميا کي آءِ پي ايل کي معطل ڪرڻي پئجي وئي هئي.
هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي بعد آءِ پي ايل ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ موجب آءِ پي ايل جون رهيل ميچون 17 مئي کان 3 جون تائين ملڪ جي ڇهن شهرن ۾ کيڏيون وينديون.
بي سي سي آءِ جو چوڻ آهي ته 17 مئي تي رائل چيلنجرز بنگلور ۽ دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي وچ ۾ ميچ رٿيل آهي.
You might also like