لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڀارت خلاف سڄو آپريشن نواز شريف جي نگراني هيٺ ڊزائن ڪيو ويو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائينديعظميٰ بخاري چيو ته 10 مئي تي نواز شريف وزيراعظم سان گڏجي ملڪ کي بچايو، ڀارت خلاف سمورو آپريشن نواز شريف جي نگراني ۾ ڊزائن ڪيو ويو.
صحافي طرفان نواز شريف جي ٽوئيٽ ۾ ڀارت جو نالو نه وٺڻ بابت سوال تي عظميٰ بخاري چيو ته نواز شريف اي بي سي ڊي ٽائپ تجزيي نگار نه آهي، سندس ڪم ئي ڳالهائي ٿو، هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ڀارت اڃا اسان جو ٽريلر ڏٺو آهي، فلم باقي آهي.
You might also like