پي سي بي طرفان مينٽور جي عهدي تان هٽائڻ بعد شعيب ملڪ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) شعيب ملڪ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينٽور واري عهد کان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي مينٽور شپ تان ٻه هفتا اڳ پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
واضح اڱاري جي ڏينهن خبر سامهون آئي هئي ته پي سي بي شعيب ملڪ سميت وقار يونس، ثقلين مشتاق، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي پڻ مينٽورز جي عهدن کان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي پي سي بي ۾ اهم ذميواريون ڏنيون وينديون.
هاڻي اڳوڻي ڪپتان پنهنجي انسٽاگرام بيان ۾ پنهنجي چاهيندڙن ۽ پي سي بي جي چيئرمين جو ٿورا مڃيندي چيو ته اهو فيصلو ذاتي ذميوارين ۽ ڪميٽمينٽس جي ڪري ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هن عهدي جي ذميوارين کي بهتر نموني سان نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو، تنهنڪري عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.