”جنگ ڪا رومانوي داستان يا بالي ووڊ فلم ناهي“ اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف جي جنگبندي بابت سوال اُٿاريندڙن تي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي تي سوال ڪرڻ وارن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جنگ ڪا رومانوي داستان يا بالي ووڊ فلم نه آهي.
پنهنجي بيان ۾ منوج نرواني ڀارتي ميڊيا طرفان جنگ بابت ڀڙڪائڻ واري روش تي سخت تنقيد ڪندي عوامي سطح تي جنگ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوششن کي افسوسناڪ قرار ڏنو.
اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف چيو آهي ته جنگ ڪا رومانوي داستان يا بالي ووڊ فلم ناهي، هي هڪ سنجيده ۽ حساس معاملو آهي.
هن چيوته ڪنهن به جنگ جا سڀ کان وڌيڪ اثر سرحدي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن، خاص طور ٻارن تي پوندا آهن، جيڪي شديد نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿين ٿا، تنهنڪري جيترو ٿي سگهي، جنگ کان پاسو ڪندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.