لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال هيڊ ڪوچ طور نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪوچ مائيڪ هيسن جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عاقب جاويد کي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس مقرر ڪيو ويو آهي.
محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مائيڪ هيسن جي مقرري سان خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هو 26 مئي کان پنهنجي ذميواريون سنڀاليندو.
هن وڌيڪ چيو ته مائيڪ هيسن ۽ عاقب جاويد پاڪستان ڪرڪيٽ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
واضح رهي ته مائيڪ هيسن ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽيم جو هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي ۽ هن وقت ۾ هو پي ايس ايل فرنچائز اسلام آباد يونائيٽيڊ سان به سلهاڙيل آهي.
ٻئي پاسي عاقب جاويد کان عارضي هيڊ ڪوچ جون ذميواريون واپس وٺي کيس هاڻي پي سي بي جي هاءِ پرفارمنس سينٽر جي قيادت سونپي وئي آهي.
پي سي بي جي اهڙن قدمن جو مقصد قومي ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ نوجوان رانديگرن جي فني تربيت کي نئين سر منظم ڪرڻ آهي.
پاڪستان ٽيم جي نئين وائيٽ بال هيڊ ڪوچ جو اعلان، عاقب جاويد کي به اهم ذميواري ملي وئي
You might also like